راولپنڊي- 17 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل وومينز ون ڊي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ 18 ڊسمبر اربع ڏينهن 2 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ ڪانڪرز ۽ انوينسبلز جڏهن ته ٻي ميچ چيلنجرز ۽ اسٽرائيڪرز وچ ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) جي اهتمام هيٺ قومي عورتاڻي ون ڊي ڪپ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي . اربع ڏينهن ٽورنامينٽ جي 17 هين ميچ ۾ ڪانڪرز ۽ انوينسبلز جون ٽيمون ڊائمنڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ مقابلو ڪنديون . ڪانڪرز جي اڳواڻي فاطمه ثنا ۽ انوينسبلز جي منيبه علي اڳواڻي ڪندي.