جميڪا – 13 جون (اي پي پي) ويسٽ انديز ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ (اڄ) ڇنڇر تي برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ويسٽ انڊيز جي وومينز ٽيم کي مهمان ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ويسٽ انڊيز جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيم کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز (سي ڊبليو آءِ) مطابق مهمان ڏکڻ آفريقا جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ميزبان وومينز ٽيم خلاف ٽن هڪ ڏينهن واري ۽ 3 ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ هيلي ميٿيوز ميزبان ٽيم جي قيادت ڪندي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم لوراولوراڊٽ جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ اڄ ڇنڇر تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 17 جون تي کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي- ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي شروعات 20 جون تي پهرين ميچ سان ٿيندي.