بيجنگ-13 جون (اي پي پي)چين ايران ۾ جوهري ۽ فوجي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي خودمختياري جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد جي آڇ ڪريون ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته چين ان طرح جي قدمن جي سنگين نتيجن جي باري ۾ گهري ڳڻتي ۾ ورتل آهي، هن چيو ته چين لاڳاپيل ڌرين کان مطالبو ڪري ٿو ته هو اهڙا قدم کڻن جيڪي علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪين. هن مطالبو ڪيو ته بيجنگ ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙين جي مخالفت ڪري ٿو، هن چيو ته اسان ڇڪتاڻ ۾ اضافي ۽ تڪرارن کي وڌائڻ جي مخالفت ڪريون ٿا. هن چيو ته علائقائي صورتحال ۾ اچانڪ اضافو ڪنهن به ڌر جي مفاد ۾ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته چين ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.