گڏيل قومون-13 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ ۾ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي ۽ امداد تائين پهچ جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد جي وڏي اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان ۽ 47 ٻين ملڪن جي تعاون سان اسپين طرفان پيش ڪيل ان قرارداد جي حمايت ۾ 149 ۽ مخالفت ۾ 12 ووٽ پيا جڏهن ته 19 ملڪن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. قرارداد جي مخالفت ڪندڙن ۾ آمريڪا، اسرائيل، ارجنٽائن، هنگري ۽ ٻيا شامل هئا جڏهن ته ڀارت، جارجيا، ايڪواڊور، رومانيه ۽ ايٿوپيا قرارداد تي راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. قرارداد ۾ بک کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي وئي ۽ انساني امداد تي اسرائيلي ناڪا بندي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. قرارداد ۾ عالمي قانون تحت شهرين جي تحفظ تي زور ڀريو ويو. جيتوڻيڪ جنرل اسيمبلي جي قراردادن تي عملدرآمد جو ڪو به مڪينزم موجود ناهي پر ان جي سياسي ۽ اخلاقي طور تي اهميت تمام گهڻي آهي. 4 جون تي آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه ۾ جنگ بندي جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو هو. ٻئي پاسي غزه ۾ ڏڪار جي حالت زندگين کي خطري ۾ وجهي رهي آهي ۽ گڏيل قومن جي آزاداڻي طور تي ڪم ڪندڙ پر اسرائيل ۽ آمريڪا جي حمايت يا فته ورهاست جي هنڌن تي خوراڪ تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش دوران شهرين جي شهيد ٿيڻ يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع جاري آهن. جنرل اسيمبلي جي صدر فليمون يانگ خصوصي اجلاس جي شروعات ڪندي چيو ته غزه ۾ 20 مهينن کان جاري اسرائيلي جنگ جي تباهي کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن سلامتي ڪائونسل جي ان حوالي سان مسلسل ماٺ هجڻ ۽ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي پنهنجي بنيادي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪامي تي تنقيد ڪئي. هن عام شهرين لاءِ خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جي عدم فراهمي، يرغمالين کي قيد ڪرڻ ۽ فوري عالمي قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪندي زميني صورتحال کي ناقابل قبول قرار ڏنو. جنرل اسيمبلي جي صدر چيو ته نيويارڪ ۾ ايندڙ هفتي فرانس ۽ سعودي عرب جي صدارت هيٺ ٻه رياستي حل تي عملدرآمد جي حوالي سان ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس والاريل فلسطيني علائقي ۾ امن لاءِ تجديد عهد جو موقعو فراهم ڪندو. گڏيل قومن جي فلسطيني سفير رياض منصور چيو ته فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي حملن کي 614 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن. هن فلسطين خلاف اسرائيل جي گهيراءُ طرف اشارو ڪندي چيو ته هي غير قانوني، غير اخلاقي صورتحال جاري نٿي رهي سگهي، ان کي فوري طور تي روڪڻو پوندو، جتي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي مسلسل بمباري، تباهي ۽ ڄاڻي واڻي بک جو نشانو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته اسرائيل طرفان عالمي قانونن ۽ سڄي دنيا ۾ رياستن جي موقف کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ لاءِ پرعزم قدمن ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي ۽ ايئن هاڻي ئي ڪرڻو پوندو، فلسطيني سفير ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي اختيار ۾ سمورا وسيلا استعمال ڪن ته جيئن سمورن ماڻهن خلاف ڏوهن ۽ ظلمن جي ذميوارن کي جوابده بڻائي سگهجي. هن سڄي دنيا جي حڪومتن ۽ ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو جيڪي انسانيت ۽ پوري فلسطيني قوم جي دفاع لاءِ بيٺل آهن. هن زور ڀريندي چيو ته اسرائيل کي عالمي قانونن جي پابندي ڪرڻ گهرجي. هي هر قاعدي کان آجو نٿو رهي سگهي. هن چيو ته هتي نمائندگي رکندڙ ملڪ پنهنجي قدمن ذريعي ان خوفناڪ حقيقت کي ختم ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته آمريڪي نمائندي ڊوروٿي شي اڪثريتي موقف جو سختي سان اختلاف ڪيو. جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد ۾ سمورين ڌرين طرفان فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي، سمورين يرغمالين کي فوري ۽ غير مشروط آزادي، سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2735 (2024) جي مڪمل ۽ فوري لاڳو، جنگ بندي، يرغمالين ۽ قيدين جي مٽاسٽا، بي گهر ماڻهن جي واپسي ۽ غزه مان اسرائيلي فوجين جي واپسي، عالمي قانونن تي عملدرآمد جي ان ڳالهه جي ثويق ڪري ٿو ته سمورين ڌرين کي عالمي انساني ۽ انساني حقن جي قانونن کي برقرار رکڻ گهرجي، خاص طور تي شهري تحفظ ۽ خلاف ورزين لاءِ جوابدهي جو مطالبو ڪيو ويو. بک ۽ امداد کان انڪار کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي. قرارداد ۾ انساني همدردي ۽ گڏيل قومن ٻنهي ادارن تي زور ڀريو ويو ته هو پنهنجي اهلڪارن جي حفاظت کي يقيني بڻائين ۽ طبي ڪارڪنن، صحت جي سهولتن ۽ ٽرانسپورٽ جي رستن جي حفاظت ڪن.