تهران _ 13 جون (اي پي پي )ايران جي هٿياربند فوج جي ترجمان برگيڊيئر جنرل ابوالفضل شڪرچي رهائشي عمارتن سميت ايراني سرزمين تي اسرائيلي حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسرائيل کي انهن حملن جي ڳري قيمت ڏيڻي پوندي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق برگيڊيئر جنرل شڪرچي جمعي ڏينهن صبح جو چيو ته اسرائيلي حڪومت طرفان رات جي اونداهي ۾ ڪيل حملن جو ڀرپور جواب ملندو . واضع رهي ته اسرائيلي حڪومت جمعي ڏينهن ايران جي گادي واري شهر تهران سان گڏوگڏ ايران جي ٻين شهرن ۾ ۽ ان جي ويجهو فوجي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن . تصوير ۾ گادي واري شهر ۾ ڪيترن هنڌن تي رهائشي عمارتن کي تباهه ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي . اکين ڏٺن شاهدن ۽ سرڪاري ٽي وي جي صحافين ٻڌايو ته انهن متاثرن ۾ عورتون ۽ ٻارن جا لاش ڏٺاآهن .