ابو ظهبي-13 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جنگ سبب تباهه ٿيل فلسطيني عوام جي مدد لاءِ جاري ” الفارس الشم 3 “ مهم تحت غزه لاءِ 2100 ٽن انساني همدردي تي ٻڌل امدادي سامان روانو ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اندر پهچندڙ هڪ وڏو امدادي قافلو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق امدادي جهاز اشد بندرگاهه تي لنگر انداز ٿي چڪو آهي ، جتان کان سامان 123 ٽرڪن ذريعي غزه منتقل ڪيو ويندو . امدادي سامان ۾ اٽو، ٻارن ۽ عورتن لاءِ ضروري شيون، خوراڪ جا پيڪيٽ ۽ ٻيون فوري انساني ضرورت جون شيون شامل آهن. اها امداد اهڙي وقت ۾ پهچائي پئي وڃي جڏهن غزه جي علائقي المواصي ۾ واقع ” غزه هيومينٽرين فائونڊيشن “ جي مرڪز تي خوراڪ وٺندڙ هزارين فلسطيني گڏ ٿيا آهن . منظر ۾ واضع طور تي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته شهري ڪهڙي طرح بي سهارا هڪ ٻئي جي سامهون بيٺل آهن ، جيئن انساني ميڙ ڪنهن اميد جي سهاري گڏ ٿي ويو هجي .