اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ خاص مددگار مبارڪ زيب خان جي گهر تي راڪيٽ حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم حملي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان نه ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو. وزيراعظم واقعي جي فوري جانچ ۽ حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.