اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو، ته حضرت بري امام سرڪار جو عرس مبارڪ 8 کان 10 آگسٽ تائين ملهايو ويندو، جڏهن ته مزار تي چادر چاڙهڻ جي تقريب 07 آگسٽ تي منعقد ڪئي ويندي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ حضرت بري امام مزار جي مينيجمنٽ ۽ ڊولپمينٽ جي حوالي سان قائم ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو . اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي، گهرو سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) افضل جنجوعه، راجا سرفراز اڪرم، گوهر زاهد ملڪ، سهيل ڀٽي، ايمان رباني، محسن رضا نقوي ۽ اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ان موقعي تي ڪميٽي ميمبرن پاران ان اهم روحاني مزار جي ترقي ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ واري عزم جي تعريف ڪئي وئي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته 07 آگسٽ تي مزار تي چادر چاڙهي ويندي جڏهن ته 8 کان 10 آگسٽ تائين امام بري سرڪار جو عرس ملهايو ويندو . نائب وزيرا عظم، ريلوي واري وزير جي سربراهي ماتحت هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جيڪا مزار جي تعميراتي ڪم، ان جي سار سنڀال ۽ مرمت بابت معاملن جي نگراني ڪندي، ته جيئن مزار جي تقدس ۽ تاريخي حيثيت کي برقرار رکي سگهجي.