ڪراچي-13 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته سروسز جي موجوده شرح 10 سيڪڙو کان 8 سيڪڙو تائين گهٽايو پيو وڃي. عوامي ڀلائيءَ کي يقيني بنائڻ ۽ گاڏين تي ٿرڊ پارٽي انشورنس کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهڙي انشورنس تي سيلز ٽيڪس شرح کي 15 سيڪڙو کان 05 سيڪڙو تائين گهٽايو پيو وڃي. ريسٽورينٽس ۽ ڪيٽررز کي ٽيڪس ڇوٽ جي حد کي سالياني 2.5 ملين رپين جي ٽرن اوور کان 5 ملين رپين تائين وڌايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اهي سڀ قدم ٽيڪس سسٽم کي آسان ،منصفاڻو ۽ عوام جي لاءِ وڌيڪ ڪارآمد بڻائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن جڏهن ته ان جو مقصد معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي خدمتن تائين رسائي کي بهتر بڻائڻ به آهي.