ڪراچي-13 جون (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ايران تي اسرائيل جي بناجواز حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جو بنا جواز حملو خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي. جاري پڌرائي موجب هن چيو ته ايران ۾ جاني نقصان تي افسوس آهي، هن چيو ته عالمي برادري اسرائيل جي جارحاڻي رويي جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، خطي ۾ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي.