تهران-13 جون (اي پي پي) ايران چيو آهي ته جنگ اسان شروع ناهي ڪئي، پر ان ڪهاڻي کي ختم اسان ڪنداسين. جمعي ڏينهن ايران جي سرڪاري خابرو اداري جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يهودي حڪومت رات جي اونداهي ۾ اسان جي ملڪ تي جارحيت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا ڪيترائي شهري، فوجي جنرل ۽ سائنسدان شهيد ٿيا ۽ اها ڳالهه به ثابت ٿي وئي ته ناجائز يهودي حڪومت ڪنهن به عالمي قاعدي ۽قانون جي پابند ناهي ۽ هڪ پاگل جانور وانگر دنيا جي ۽ انساني ۽ عالمي حقن جي دعويدارن جي اکين سامهون بي شرمي سان قاتلاڻو حملو ڪري ٿو ۽ جنگ جي باهه کي ڀڙڪائي ٿو. هن چيو ته ايران سان جنگ ڪرڻ شينهن جي پڇ سان کيڏڻ جي برابر آهي. يهودي حڪومت ايران جي منطق آڏو ڊنل هئي ۽ ان لاءِ هن اها جنگ شروع ڪئي. ايراني حڪمت چيو ته اسان گذريل 200 سالن ۾ ڪا به جنگ شروع نه ڪئي آهي پر پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ هڪ انچ به پوئتي نه هٽياسين. ايراني فضائن ۾ يهودي جارحيت ثابت ڪري ڇڏيو ته هي ناجائز حڪومت هڪ دهشتگرد حڪومت آهي، انتقام ۽ دفاع اسان جو قانوني ۽ جائز حق ۽ اسان جي عوام هر دور کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ متحد آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته يهودي صفت حڪومت کي صرف طاقت جي ٻولي سمجهه ۾ ايندي آهي ۽ ايران جي حڪومت سمورن دفاعي، سياسي ۽ قانوني قدمن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ يهودين تي ننڍون حرام ڪري ڇڏيون آهن، حڪومتي بيان ۾ شهيدن جي رت جو بدلو وٺڻ تي زور ڀريو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اسان عالمي سطح تي پنهنجي عزت ۽ وجود جو دفاع ڪنداسين پر عالمي ادارن جا منتظر نه ويهنداسين . هي هڪ قوم ۽ هڪ حڪومت جو آواز آهي جيڪو دنيا کي گواه بڻائي رهيو آهي ته اسان جنگ جي شروعات نه ڪئي پر ڪهاڻي جي پڄاڻي ايران جي هٿان لکي ويندي.