ماسڪو-13 جون (اي پي پي) روس ايران تي اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهي قدم وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب روسي پرڏيهي وزارت ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايران تي اسرائيلي حملو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان اسرائيلي رياست جي پُرتشدد قدمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. گڏيل قومن جو هڪ ميمبر خودمختيار ملڪ، ان جي شهرين، پُرامن شهرن ۽ ايٽمي توانائي جي بنيادي ڍانچي جي ٺڪاڻن تي چِڙ ڏياريندڙ فوجي حملا قطئي طور قبول ناهن.