ڪراچي-13 جون (اي پي پي)سنڌ جي مخلتف علائقن ۾ هڪ هزار اليڪٽرڪ بسون ڏنيون وينديون. وڏي وزير پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ هڪ هزار اليڪٽرڪ بسون مرحليوار ڏنيون وينديون. انهن مان 500 بسون ڪراچي لاءِ مخصوص آهن، جن جي مڪمل انٽيگريشن مالي سال 2025-26 ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته اليڪٽرڪ گاڏين جون چارجنگ اسٽيشنون اهم عوامي هنڌن تي قائم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جئين سهولت وڌن ۽ صاف گاڏين ڏانهن منتقلي تيزيءَ سان ٿي سگهي. ٽرانزيڪشن ايڊوائيزرز جلد ڀرتي ڪيا ويندا ۽ رٿا ڊسمبر 2025ع ۾ سيڙپڪارن لاءِ آڇ طور جاري ڪئي ويندي.