ڪراچي-13 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 3451.87 ارب رپين جي سالياني بجيٽ پيش ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 10 کان 12 سيڪڙو جڏهن ته رٽائر ملازمن جي پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي. هن اهڙو اعلان جمع ڏينهن سنڌاسيمبليءَ ۾ صوبائي بجيٽ پيش ڪندي ڪيو. وڏي وزير 38.458 ارب رپين جي کوٽ واري بجيٽ پيش ڪندي اعلان ڪيو ته هڪ کان 16 اسڪيل جي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 12 سيڪڙو جڏهن ته 17 کان 22 گريڊ جي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن رٽائر ملازمن جي پينشن ۾ 8 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 520 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته نئين بجيٽ تحت ڪجهه ٽيڪسز، ليويز ۽ سيس کي گهٽايو پيو وڃي. بجيٽ ۾ تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن لاءِ فنڊن ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گورننس کي جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ بهتر بڻائڻ ۽ معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمتِ عملي تي ٻڌل قدم شامل ڪيا ويا آهن. مالياتي سال 2025-26 لاءِ صوبائي آمدني جو ڪاٿو 3411.5 ارب رپيا آهي جيڪو هلندڙ سال جي ڀيٽ 11.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وفاقي ٽيڪسن مان حصو (فيڊرل ڊويزيبل پول) جيڪو صوبائي ڪل آمدني جو لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو آهي مالي سال 2025-26 لاءِ 1927.3 ارب رپيا هوندو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي جڏهن ته موجوده مالي سال جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن ۾ 5.5 سيڪڙو گهٽتائي سامهون آئي آهي. اضافو وفاقي منتقلين ۾ سڌي منتقلي ۽ او زيڊ ٽي جي خاتمي سان پيدا ٿيل نقصانن جي ازالي لاءِ ڏنل گرانٽس شامل آهن جن ۾ پڻ واڌ جي اميد آهي جنهن سان وفاقي منتقلي جو ڪل انگ 2095.6 ارب رپين تائين پهچي ويندو. موجوده ريونيو خرچ مالي سال 2025-26 لاءِ 2149.4 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي گذريل مالي سال 2024-25 جي 1912.36 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 12.4 سيڪڙو وڌيڪ آھن. هن واڌ جي اهم سببن ۾ مهانگائي جو دٻاءُ، غير مالي ادارن جيئن ته اسپتالن ۽ يونيورسٽين کي ڏني ويندڙ گرانٽس ۾ واڌ، سرڪاري ملازمن لاءِ رليف الائونس، ۽ پينشن جي ادائيگين ۾ واڌ شامل آهن. ٽوٽل خرچن ۾ 12.9 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي جيڪي وڌي 3450 ارب رپين تائين پهچي ويندا. موجوده ريونيو خرچ 12.4 سيڪڙو واڌ سان 2150 ارب رپيا ٿيندا، جنهن جا اهم سبب پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ، مڪاني ادارن کي ڏني ويندڙ گرانٽن ۾ 3 سيڪڙو واڌ ۽ مختلف اهم شعبن ۾ نمايان واڌ آهي جنهن ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ 189.75 ارب رپيا (15.7 سيڪڙو واڌ)، صحت جو شعبي 336.46 ارب رپيا (11.3 سيڪڙو واڌ) ۽ تعليم جو شعبي 518.05 ارب رپيا (18 سيڪڙو واڌ) شامل آهن. ان کان علاوه حڪومت غربت جي خاتمي ۽ معاشي استحڪام لاءِ “غريب دوست سماجي تحفظ ۽ معاشي پائيداري جي قدمن” تحت 20 ارب رپيا رکيا آهن، جيڪي شموليتي ترقي لاءِ حڪومت جي سنجيدگي جو ثبوت آهن شفافيت ۽ مؤثريت کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعليمي فنڊ سڌو سنئون اسڪولن تائين منتقل ڪيا ويندا. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۽ ناڻي کاتي جي هدايتن تي مختلف سرڪاري ۽ غير مالي ادارن کي ڏني ويندڙ امدادي گرانٽس لاءِ مجموعي طور 702 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته تعليم جي شعبي لاءِ 523.73 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي 458.2 ارب رپين جي ڀيٽ 12.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن. هي رقم موجوده ريونيو خرچ جو 25.3 سيڪڙو آهي. تعليم جي سڀني درجنن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي: پرائمري تعليم جو بجيٽ 136.2 ارب رپين کان وڌي 156.2 ارب رپيا ٿي ويو آهي. سيڪنڊري تعليم جو بجيٽ 68.5 ارب رپين کان وڌي 77.2 ارب رپيا آهي. نئين قدمن تحت تعليم جي شعبي ۾ ڪيترائي اهم قدم شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ 4400 نون اسٽاف ميمبرن جي ڀرتي، 4 نون آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجن جو قيام ۽ 34100 کان وڌيڪ پرائمري اسڪولن کي الڳ ڪاسٽ سينٽرن ۽ بجيٽ ڏئي خودمختياري ڏيڻ شامل آهن. ان کان علاوه هوشيار ۽ گهٽ وسيلن وارن شاگردن جي تعليمي مدد لاءِ سنڌ ايجوڪيشنل انڊومينٽ فنڊ هيٺ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن . خصوصي ماڻهن جي فلاح لاءِ بجيٽ 11.6 ارب رپين کان وڌائي 17.3 ارب رپيا رکي وئي آهي. ان تحت مددگار گيجٽس، وظيفا ۽ اين جي اوز سان ڀائيواري ذريعي سهولتون مهيا ڪيون وينديون. صحت جي شعبي لاءِ 326.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي 302.2 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو واڌ ظاهر ڪن ٿا. انهن مان 146.9 ارب رپيا گرانٽس ان ايڊ جي صورت ۾ مختلف صحت جي ادارن ۽ يونٽن کي ڏنا ويندا. اهم بجيٽ ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن لاءِ 19 ارب رپيا، پيپلز پرائمري هيلٿ انيشئيٽو لاءِ 16.5 ارب رپيا ۽ لاڙڪاڻو ۾ نئين اسپتال لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان کان علاوه، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صحت جون سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ ايمبولينس خدمتون ۽ موبائل ڊائگنوسٽڪ يونٽس ۾ واڌ ڪئي ويندي. مالي وسيلن جي امڪاني کوٽ سبب اي ڊي پي ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ ان جو ڳاڻيٽو 520 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ان ۾ 475 نون اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ مختلف علائقن جي بحالي، قابل تجديد توانائي، پوئتي پيل ضلعن جي ترقي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ صفائي جون سهولتون اوليت تي رکيل آهن. اهم شعبن لاءِ رکيل رقم لاءِ تعليم لاءِ 99.6 ارب رپيا، صحت لاءِ 45.37 ارب رپيا، آبپاشي لاءِ 73.9 ارب رپيا ۽ بلدياتي حڪومت لاءِ 132 ارب رپيا رکيا ويا آهن.وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي انفرااسٽرڪچر جي بهتري وارا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ رستن جي مرمت، نيڪال ۽ پاڻي جي فراهمي جي نظام جي بهتري شامل آهي جيڪي مختلف ضلعن ۾ لاڳو ڪيا ويندا. ڪراچي ۾ شهري ٽرانسپورٽ جي دائري کي وڌايو پيو وڃي جتي پاڪستان جون پهرين 50 اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون ويون آهن ۽ آگسٽ 2025 تائين وڌيڪ 100 بسون شامل ڪيون وينديون. شهر ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ منصوبن ۾ به ترقي جاري آهي، ييلو لائين مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته ريڊ لائين 50 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪي آهي. ڪراچي سيف سٽي منصوبي ۾ تيزي سان ترقي جاري آهي جتي مصنوعي ذهانت سان جُڙيل سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون پيون وڃن ۽ نگراني جي دائري کي وڌايو پيو وڃي. اهم ترقياتي منصوبن ۾ ڪورنگي ڪاز وي برج جي تعمير ۽ شاهراه ڀٽو جي بهتري به شامل آهي. نون اي ڊي پي قدمن تحت تاريخي ورثي جي بحالي، ڪاروباري علائقن جي بهتري ۽ اهم رستن جي تعمير کي به نشانو بڻايو ويو آهي. هڪ مرڪزي “ڪي پرفارمنس انڊيڪيٽر مانيٽرنگ ڊيش بورڊ جاري ڪيو پيو وڃي جيڪو منصوبن جي نگراني کي ريئل ٽائيم ۾ ممڪن بڻائيندو. زمين جي رڪارڊ جي سڌاري لاءِ بلاڪ چين تي ٻڌل نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ملڪيت جي معاملن ۾ آسانِي ۽ شفافيت ايندي. ان کان علاوه ڊيجيٽل پيدائشي رجسٽريشن نظام جو آغاز ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد 2028 تائين 100 سيڪڙو ڪوريج حاصل ڪرڻ آهي ۽ اهو نظام صحت ۽ تعليم جي ڊيٽا سان ڳنڍيل هوندو. بينظير هاري ڪارڊ جو جاري ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي ٻه لک کان وڌيڪ هارين کي سبسڊي ۽ زرعي مشينري جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ “ڪلائميٽ سمارٽ ايگريڪلچر” کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊرِپ اِريگيشن تي سبسڊي ڏني ويندي ۽ نجي ۽ سرڪاري ڀائيواري سان ڪلسٽر فارمنگ جا منصوبا شروع ڪيا ويندا. ان کان علاوه، سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ جي قيام لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جاري آهي، جيئن ترقي پسند هارين کي بغير وياج قرض فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته تعليم جي بجيٽ کي هيٺين سطح تي منتقل ڪيو ويندو جنهن سان اسڪولن جي هيڊ ماسترن کي عملي خرچن لاءِ فنڊ فراهم ٿيندا.معذور ماڻهن لاءِ وظيفن ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ نوان بحالي مرڪز قائم ڪيا ويندا. ان کان سواءِ سنڌ ڀر ۾ يوتھ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيا ويندا جيڪي نوجوانن کي مهارتن جي سکيا، ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ ڊجيٽل لٽريسي پروگرام مهيا ڪندا. پنج مختلف ٽيڪسن جن ۾ پروفيشنل ٽيڪس ۽ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي شامل آهن، ختم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام تي مالي بار گهٽجي. موٽر گاڏين جي ٽيڪس ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي ۽ سيلز ٽيڪس کي آسان بڻائڻ لاءِ نيگيٽو لسٽ سسٽم ڏانهن منتقلي ڪئي ويندي.وڏي وزير سرڪاري ملازمن لاءِ BPS-1 کان BPS-16 تائين جي گريڊن ۾ 12 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ۽ BPS-17 کان BPS-22 تائين جي گريڊن لاءِ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پينشن ۾ پڻ 8 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.خصوصي ماڻهن لاءِ سفري الائونس ۾ واڌ ڪئي ويندي، ۽ سڀني واجب الادا پينشن جي ادائيگين کي مڪمل ڪيو ويندو. وڪيلن، صحافين ۽ اقليتي برادري لاءِ خاص گرانٽس مهيا ڪيون وينديون ته جيئن انهن جي فلاحي ۽ ترقياتي قدمن کي هٿي ملي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي بجيٽ سنڌ جي لڪل صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ شموليت تي ٻڌل، مضبوط ۽ پائيدار ترقي جي رستي کي هموار ڪندو. هن صوبي ۽ ملڪ کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ اتحاد ۽ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو. هي جامع بجيٽ سماجي ترقي، جديد انفراسٽرڪچر ۽ معاشي خودمختياري جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو سنڌ کي هڪ انقلابي سال ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ تيار ڪندو.