برسلز – 14 جون (اي پي پي) ايران ۽ اسرائيل جي هڪ ٻئي تي ميزائيل حملن کانپوءِ گڏيل قومن يج سربراهه انتونيو گوتريش ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته هو وڌندڙ ڇڪتاڻ کي روڪن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ايڪس تي لکيو ته ڇڪتاڻ ڪافي ٿي وئي آهي، هاڻي ان کي روڪڻ جو وقت آهي. هن چيو ته امن ۽ سفارتڪاري کي غالب ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ خميس جي رات اسرائيل ايران جي گادي واري شهر تهران تي حملن ۾ ملڪ جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن اعليٰ فوجي عهديدارن کي شهيد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ايران طرفان جمعي جي رات اسرائيل تي جوابي فضائي حملو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ سڄي اسرائيل ۾ سائزن وڃايا ويا.