ڪراچي-14 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 18 سيڪڙو ۽ صحت جي شعبي لاءِ 11 سيڪڙو واڌ سان اضافي فنڊز رکيا ويا آهن، جڏهن ته زراعت، آبپاشي ۽ بلدياتي منصوبن لاءِ به بجٽ ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ 236 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ منصوبا به شامل آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مراد علي شاهه پنهنجي خطاب جي شروع ۾ ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن ٻڌايو ته هو ان حملي جي خلاف پنهنجو احتجاج سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ئي ظاهر ڪري چڪو آهي. وڏي وزير حڪومت جي دهشتگردي خلاف سخت موقف کي به ورجايو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مسلسل 17هون صوبائي بجيٽ پيش ڪيو آهي، جيڪو سياسي استحڪام ۽ اثرائتي حڪمراني جو ثبوت آهي. مراد علي شاهه چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت سخت مالي ضابطا هجڻ جي باوجود سنڌ حڪومت هن سال 590 ارب رپيا ترقياتي منصوبن لاءِ رکيا آهن. مجموعي طور تي بجيٽ جو ڪاٿو 3.45 کرب رپيا آهي، جنهن مان هڪ کرب رپيا ترقياتي خرچن ۽ 2.15 کرب رپيا جاري خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. جڏهن ته هيٺيئن گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو ۽ مٿئين گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير خاص طور تي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي فراهمي سميت سنڌ جي سماجي ڀلائي جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته هيستائين 5 لک گهر تعمير ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 8.5 لک گهر اڃا تعمير هيٺ آهن. هن چيو ته هن تيز رفتار عمل کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي ۽ اهو نيپال ۾ زلزلي کانپوءِ کنيل قدمن کان به وڌيڪ اثرائتو آهي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ مراد علي شاهه 600 ارب رپين جي واٽر اينڊ سينيٽيشن منصوبي جو اعلان ڪيو، جنهن مان 45 لک ٻهراڙي جا ماڻهو فائدو کڻندا. هي منصوبو موجوده حڪومت جي دور ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن ۾ ڳوٺاڻا پنهنجن علائقن ۾ مقامي اين جي اوز جي سهڪار سان بنيادي ڍانچو ٺاهيندا ته جيئن پاڻيءَ سان لاڳاپيل بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن منصوبي کي ”انقلابي قدم“ قرار ڏنو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن سال جي بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ئي ٽيڪس ختم يا گهٽايا ويا آهن. هن ٻڌايو ته تفريحي ٽيڪس کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريسٽورنٽس تي لاڳو ٽيڪس ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي. ٿرڊ پارٽي گاڏي انشورنس تي اسٽامپ ڊيوٽي کي گهٽائي 50 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انشورنس ٽيڪس کي 15 سيڪڙو مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي هدايتن مطابق ٽيڪس کان ڇوٽ وارين شين جي فهرست جلد شايع ڪئي ويندي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت زمينن جي رڪارڊ کي بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ذريعي ڊجيٽل بڻائي رهي آهي جيئن ماڻهن کي آسانيءَ سان پهچ حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته ننڍن زميندارن کي مفت ليزر ليولر فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته وڏن زميندارن کي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. ڪلسٽر فارمنگ ٽيڪنالاجي به متعارف ڪرائي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته معذور ماڻهن لاءِ سهولتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ذهني بحالي لاءِ مرڪز ۽ هر ضلعي ۾ يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ تحت ٻارن جي صحت لاءِ هڪ جامع نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ هاري ڪارڊ پروگرام تحت زميندارن لاءِ 8 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ڪي فور واٽر پروجيڪٽ جي جوڙجڪ تي روشني وجهندي چيو ته وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته هو ڪينجهر ڍنڍ مان پاڻي فراهم ڪري، جڏهن ته سنڌ حڪومت ان پاڻي جي ورهاست جي ذميوار آهي، جنهن لاءِ ضروري فنڊز رکيا ويا آهن.هن ٻڌايو ته فيڊر لائين لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته هڪ مهانگو، پنج ملين گيلن روزاني گنجائش واري سامونڊي پاڻي کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ وارو پلانٽ به منصوبي جو حصو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته گريڊ 1 کان 4 تائين 20 هزار کان 25 هزار نوڪريون خالي پيل آهن جن کي جلد ڀريو ويندو. گريڊ 5 کان 7 تائين جون ڀرتيون آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڪيون وينديون، جڏهن ته گريڊ 16 جي مٿين نوڪرين لاءِ به مقرريءَ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي. ترقياتي قدمن ۽ چئلينجن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بجيٽ کان پوءِ پريس ڪانفرنس دوران اعتراف ڪيو ته ڪراچي لاءِ 150 بسن جي آمد ۾ دير وسيلن جي کوٽ سبب ٿي، انفراسٽرڪچر ۽ صفائي سٿرائي جا ڪيترائي منصوبا هلي رهيا آهن. مراد علي شاهه ٻڌايو ته زمينن جو رڪارڊ مڪمل طور ڊجيٽلائيز نه ٿي سگهيو آهي پر بلاڪ چين منصوبو ماتلي ۽ سکر ۾ تجربي جي بنياد تي شروع ڪيو ويو آهي. سيف سٽي منصوبي جو پهريون مرحلو سيپٽمبر يا آڪٽوبر 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، جيڪو ڪراچي جي اهم علائقن تي مشتمل هوندو. شروعاتي نتيجا همٿ ڏيندڙ آهن ۽ لڳايل ڪئميرائون سيڪيورٽي خدشن جي نشاندهي ڪري رهيون آهن. منصوبي جي ٻئي مرحلي لاءِ 2026ع جي بجيٽ ۾ فنڊز رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽ وڌيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته عالمي مالي ادارا وفاقي حڪومت جي ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت تي وڌيڪ اعتماد ڪن ٿا. آگسٽ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ ورلڊ بئنڪ سنڌ حڪومت تي اعتماد ڪندي هنگامي فنڊز فوري طور تي جاري ڪيا، جيڪو ان اعتماد جو ثبوت آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف منسٽر آفيس لاءِ هيليڪاپٽر ۽ گاڏين جي خريداري تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته موجوده هيليڪاپٽر 36 سال پراڻو آهي، جڏهن ته گاڏيون به ڪيترن ئي سالن کان اپڊيٽ نه ٿيون آهن. هن اعلان ڪيو ته ايندڙ مالي سال ۾ غير ضروري خرچن کي روڪڻ لاءِ نين گاڏين جي خريداري تي پابندي لڳائي وئي آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڏانهن وڌي رهي آهي، پر مقامي هارين جي نيٽ ورڪ کي شامل ڪري شفاف شراڪت کي يقيني بڻايو پيو وڃي. مراد علي شاهه وڌندڙ آبادي کي سنڌ جو اهم مسئلو قرار ڏنو ۽ ٻڌايو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪيو ويو آهي ته جيئن بهتر سهولتون مهيا ڪري سگهجن. وڏي وزير انڪشاف ڪيو ته سنڌ حڪومت 25 ارب رپين جا سولر منصوبا رکيا آهن ۽ وڻڪاري مهم به شروع ڪئي پئي وڃي. هن اعتراف ڪيو ته ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن واضح ڪيو ته سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي مٿانهين حد 35 سال سپريم ڪورٽ مقرر ڪئي آهي ۽ ڪو به صوبو ان کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. هن انڪشاف ڪيو ته سنڌ حڪومت موسمياتي تبديليءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ 25 ارب رپين جا سولر منصوبا مقرر ڪيا آهن. هن اعتراف ڪيو ته صوبي ۾ غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو وڏو سبب آءِ ايم ايف پروگرام تحت سرڪاري خرچن تي لڳايل پابنديون آهن. هن دعويٰ ڪئي ته بجيٽ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي ۽ مخالف ڌر کي بريفنگ پڻ ڏني وئي، جيتوڻيڪ ڪجهه تجويزن کي شامل نه ڪرڻ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير اسرائيلي جارحيت خلاف قرارداد تي پيدا ٿيل تڪرار بابت به کلي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين هن حساس معاملي کي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪيو، جڏهن ته انهن جو رويو حقيقي عملن بدران رڳو گوڙ تي ٻڌل هو. هن الزام لڳايو ته مخالفڌر احتجاجن دوران حقيقتن کي بگاڙي پيش ڪيو ۽ اسرائيلي جارحيت جهڙي انساني مسئلي کي به سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو. مراد علي شاهه واضع ڪيو ته سنڌ حڪومت اپوزيشن سان رابطو رکڻ ۽ انهن جا خدشا ٻڌڻ چاهي ٿي، پر افسوس سان چيو ته گهڻو ڪري ڳالهه ٻولهه ذاتي شڪايتن جي ور چڙهي وڃي ٿي. هن چيو ته بجيٽ سازي جي عمل ۾ اپوزيشن سان باقاعده مشاورت جو ڪو طئي ٿيل نظام موجود ناهي، جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت انهن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مراد علي شاهه واضع اعلان ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف يا ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي ڪنهن به دٻاءَ يا بليڪ ميلنگ کي ڪا به اهميت نه ڏيندي ۽ عوامي مفادن جو تحفظ ئي حڪومت جي اولين ترجيح رهندي.