اسلام آباد-14 جون (اي پي پي)نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فٽبال راند کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته فٽبال قومي اتحاد ۽ فخر کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ اهم جزو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فٽبال جي مستقبل جي باري ۾ هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . نائب وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزير ۽ سيڪريٽري، ايس اي پي ايم ٽو ڊي پي ايم آفيس ۽ پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي نئين قيادت شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪميٽي فٽبال جي اهم بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ مستقبل جو نظريو پيش ڪيو. انتظامي ۽ سياسي رڪاوٽن سبب ماضي جي چئلينجز کي تسليم ڪندي، قيادت هڪ ترقياتي ايجنڊا کان اڳيان وڌڻ جي ضرورت تي زرو ڀريو، جنهن جو بنياد هيٺين سطح تي پائيدار شموليت سان ڳنڍيل آهي. اجلاس دوران فيفا جي رهنمائي ۾ فٽبال جي بحالي جو پڻ عزم ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اجلاس دوران فٽبال راند جي ترقي ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪندي فٽبال راند کي قومي اتحاد جو هڪ اهم جزو قرار ڏنو.