پشاور-14 جون (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته رت جو عطيئو ڏئي انساني جانيون بچائيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. انٽرنيشل بلڊ ڊونيشن ڊي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته رت جو هڪ قطرو ڪنهن جي زندگي بچائي سگهي ٿو ۽ ڪنهن ماءُ جي هنج اجڙڻ کان بچي سگهي ٿي. هن چيو اڄ مان انهن سڀني کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، جيڪي رضاڪاراڻي طور تي رت عطيئو ڪري انساني جان بچائڻ جو عظيم فرض سر انجام ڏين ٿا. نوجوانن کي رت عطيئو ڪرڻ جي اپيل ڪندي، هن چيو ته نوجوان بلڊ ڊونيشن جي اهميت کي سمجهن، صحتمند انسان لاءِ رت عطيئو ڪرڻ نه صرف محفوظ آهي، پر ان جا انساني صحت تي سٺا اثر پون ٿا. اڄ جي ڏينهن تي اسان کي ان ڳالهه جو عزم ڪرڻ گهرجي ته رت عطيئو ڪري نه صرف زندگي بچائينداسين پر هڪ صحتمند معاشرو جوڙڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.