اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ٽيڪس سڌارن، ٽيڪس کان آگاهي ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته غير دستاويزي معيشت جو خاتمو، ڪيش ليس ڏي وٺ ۽ زراعت جي ترقيءَ کان سواءِ اسان جي معيشت اڳتي نٿي وڌي سگهي. ميمبرن زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ جامع قدمن جو مطالبو پڻ ڪيو. ڪالهه ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي علي محمد خان چيو ته وياج جي خاتمي تائين مزدور دوست بجيٽ نٿي بڻجي سگهي، اسان کي بجيٽ بنائڻ وقت مزدورن ۽ هارين جي حالت کي ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻو پوندو. پاڪستان کي معاشي ۽ دفاعي طور مضبوط بنائڻو آهي. سيد حفيظ الدين چيو ته دفاعي محاذ تي پاڪستان سٺي اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ معاشي اڳڀرائي تي توجهه ڏني وڃي. هن وقت غير دستاويزي معيشت جهڙا مسئلا سامهون آهن، ملڪ کي ان صورتحال مان ڪڍڻ ضروري آهي، ان مقصد لاءِ ٽيڪس سڌارن، ٽيڪس کان آگاهي ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. بليڪ معيشت جو خاتمو، ڪيش ليس ڏي وٺ ۽ زراعت جي ترقيءَ کان سواءِ اسان جي معيشت اڳتي نٿي وڌي سگهي. اهڙيءَ طرح توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکڻو پوندو، توانائي جي شعبي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن. ثمينه خالد گهرڪي چيو ته زرعي شعبي تي توجهه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته هي اسان جي معيشت جي لائيف لائين آهي. هن چيو ته سولر پينل تي ٽيڪس نه هئڻ گهرجي، هي عوام جي سهولت جو ائٽم آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام هئڻ گهرجي ۽ پرائمري ڪلاسز کان ان جي شروعات ٿيڻ گهرجي. صحت جي شعبي تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ شوگر جي مريضن جي شرح تمام وڌيڪ آهي. جمشيد دستي چيو ته هارين ۽ آبادگارن کي مسئلا آڏو آهن. هن پنهنجي تڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدمن جو مطالبو ڪيو. آفتاب شيخ چيو ته ايران تي اسرائيلي حملو مذمت جوڳو آهي. پوري دنيا جي مسلمانن کي هڪ آواز ٿي اسرائيل جو رستو روڪڻو پوندو. هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم گڏجي ڀارتي اڳرائيءَ جو مقابلو ڪيو آهي. هندستان سفيد جهنڊا ڦڙڪائڻ تي مجبور ڪيو ويو، اسان هڪ قوم آهيون ۽ اسان کي گڏجي ويهي پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ بجيٽ جي حوالي سان ڊگهي تقرير ڪئي پر ان ۾ ڪي به تجويزون شامل نه هيون. هن چيو ته اسان کي اهڙيون پاليسيون ڏيڻ گهرجن جنهن سان مزدور ۽ هاري خوش ٿين، ان سان ملڪ جي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي ٿو. سيد وسيم حسنين چيو ته سولر پينلز تي 18 سيڪڙو ٽيڪس سان عام ماڻهوءَ تي اثر پوندا. هي فيصلو واپس وٺڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي فائدو پهچي سگهي. کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس سان عام ماڻهو متاثر ٿيندو. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو واڌ ڪرڻ گهرجي ها. ايم 6 موٽر وي لاءِ وڌيڪ فنڊز ۽ گڏوگڏ ايم 9 لاءِ به فنڊ رکيا وڃن. يوسف خان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي قيام لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. عقيل ملڪ چيو ته مخالف ڌر جو مسئلو صحت، تعليم، ٽيڪس سڌارا وغيره ناهن پر پنهنجي ليڊر جي آزادي آهي. اڃا تائين مخالف ڌر جي ميمبرن بجيٽ جي حوالي سان ڪي به تجويزون نه ڏنيون، اهي ماڻهو رڳو فوٽو سيشن ۽ پنهنجي ووٽرن کي دلاسو ڏيڻ لاءِ هتي اچن ٿا. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان پروگرام ۾ آهي ۽ ان شرطن تحت اسان کي هلڻو آهي، مشڪل حالتن باوجود ماهرن گذريل 15 سالن ۾ پهريون ڀيرو وفاقي بجيٽ کي بهترين ۽ متوازن قرار ڏنو آهي. عمر ايوب پنهنجي خطاب ۾ غلطي بياني ڪئي آهي جڏهن اهي پاڻ حڪومت ۾ هئا ته ٽيڪس ۽ نيب قانونن جي آڙ ۾ سڄي مخالف ڌر کي جيلن ۾ وڌو ويو. مخالف ڌر جي ليڊر جو ڏاڏو ايبڊو جهڙو قانون بنايو هو. پ پ جي ميمبر شاهده رحماني چيو ته بجيٽ عوام جي اُمنگن جو آئينو هوندو آهي اسان کي هڪٻئي تي تنقيد ڪرڻ بدران بجيٽ تي تجويزون ڏيڻ گهرجن. ڪراچيءَ ۾ هن وقت ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، ڪراچيءَ ۾ روشنين جي بحالي جو ڪريڊٽ پ پ ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 45 هزار هئڻ گهرجي، دٻي واري کير تي واڌو ٽيڪس نه لڳايو وڃي، پاڪستان ۾ غربت وڌيڪ آهي ۽ خريد جي قوت گهٽ ٿي آهي. صحت ۽ تعليم جو بجيٽ گهٽ آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ عورتن لاءِ سٺو پروگرام رکيو ويو آهي، مخصوص سيٽن تي ڪامياب عورتن کي به فنڊ ڏنا وڃن، فارمولا ملڪ، سگريٽ تي ٽيڪس لڳائڻ گهرجي، آبادي پهرين کان وڌيڪ آهي ۽ مٿان وري حمل روڪڻ جي دوائن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ مناسب واڌ هئڻ گهرجي. ننڍين گاڏين تان ٽيڪس واپس ورتو وڃي. هن چيو ته آبي اڳرائي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي، جڏهن ته ڪنهن نئين ڊيم لاءِ ڪو منصوبو ناهي. ٻاهر کان گهرايل موبائلز تي ٽيڪس گهٽ ڪئي وڃي. پي ٽي آءِ جي ميمبر فضل محمد بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ان بجيٽ کي عوام دوست نٿو چئي سگهجي. سولر پينلز تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي، وڏين گاڏين تي ٽيڪس گهٽ ۽ عام ماڻهوءَ جي استعمال هيٺ 800 سي سي کان گهٽ گاڏين تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مسلمان تڪليف ۾ آهن، ايران تي اسرائيل حملو ڪيو آهي، سڄي دنيا جي مسلمانن کي هن وقت متحد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي صوبي ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ ڪئي وڃي ۽ سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.