برسلز-13 جون (اي پي پي) پاڪستاني پارلياماني مشن جي سربراهه ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسرائيل پاران ايران تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرو پيدا ٿي ويو آهي، دنيا جي سمورن ذميدار قومن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڪالهه پ پ جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايراني عوام سان ان مشڪل گهڙيءَ ۾ دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ايران تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جو نقصان ٿيو ۽ خطي جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرو پيدا ٿي ويو آهي. اسان دنيا جي ذميدار قومن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ذميدار قومون ۽ گڏيل قومون بين الاقوامي قانونن جي پاسداريءَ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪن. عالمي برادريءَ جي مثبت ڪردار سان جارحيت ۽ ٽڪراءُ بدران دنيا ۾ امن ۽ سلامتيءَ کي هٿي حاصل ٿيندي.