برسلز-13 جون (اي پي پي)پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد جي يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي سيڪريٽري جنرل بيلن مارٽنز ڪاربونل سان ملاقات ڪئي. وفد يورپي عملدارن کي بين الاقوامي پاڻي وسيلن کي هٿيار بنائڻ جي عالمي ناڪاري اثرن کان آگاهه ڪيو. سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي اڳواڻن کي ڏکڻ ايشيا ۾ بگڙجندڙ علائقائي سلامتي جي ماحول خاص ڪري ڀارت جي هاڻوڪي هڪ طرفي قدمن جي روشنيءَ ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ڀارت طرفان کنيل جارحاڻن قدمن تي پاڪستان جي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو. وفد واضح ڪيو ته ڀارت ڪوڙ تي ٻَڌل بيانيي سان حقيقتن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. وفد ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جي حوالي سان پاڪستان جي گهري ڳڻتيءَ کان به آگاهه ڪيو. وفد يورپي عملدارن کي عالمي پاڻي وسيلن کي هٿيار بنائڻ جي عالمي ناڪاري اثرن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهڙيءَ طرح جي قدمن سان نه صرف علائقائي ماحولياتي نظام کي خطرو آهي پر پاڻي جي سفارتڪاريءَ سبب بين الاقوامي اصولن جي سالميت کي به خطرو آهي. ٻنهي ڌُرين يورپي يونين جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تحت موجوده ڊائلاگ ۽ تعاون جي طريقيڪار ذريعي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامتي جي معاملن تي يورپي يونين پاڪستان جي شموليت کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.