ڪراچي-13 جون (اي پي پي)سنڌ ڪابينا پري بجيٽ اجلاس ۾ ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي آهي. جاري پڌرائي موجب ڪابينا جي ميمبرن اسرائيلي حملي کي عالمي قانونن، انساني حقن ۽ امن جي اصولن جي لڳاتار ڀڃڪڙي قرار ڏنو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايران تي اسرائيل جو بنا جواز ۽ غير انساني حملو مذمت جوڳو آهي، پاڪستان هميشه امن، ڳالهين ۽ عالمي هم آهنگي جو حامي رهيو آهي. هن چيو ته اسرائيلي جارحيت خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، سنڌ حڪومت ايراني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي برادري بگڙجندڙ صورتحال جو فوري نوٽيس وٺن، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ عالمي برادري موثر ڪردار ادا ڪري.