اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ ۽ خاتمي بابت پاڪستان – يورپي يونين ڳالهه ٻولهه جو پنجون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي بابت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري طاهر اندرابي جڏهن ته يورپي يونين جي وفد جي سربراهي هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي خصوصي ايلچي اسٽيفن ڪليمنٽ ڪئي. ڌرين عالمي ۽ علائقائي امن، سلامتي ۽ اسٽريٽجڪ استحڪام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان پاران يورپي يونين جي ڳالهيون ڪندڙن کي تازي پاڪ ڀارت تڪرار جي ڏس ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن خاص طور تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي جي ايجنڊا، هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي ڪنوينشنز تي ڪانفرنس بشمول حياتياتي هٿيارن جي ڪنوينشن ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تي پڻ ڌيان ڏنو ويو. ڳالهه ٻولهه ۾ ملٽي ليٽرل ايڪسپورٽ ڪنٽرول رجيمز ۾ تازي رجحانن ۽ عالمي سلامتي تي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي اثرن جو جائزو ورتو ويو. سائنس ڊپلوميسي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. ڌرين 2026ع ۾ برسلز ۾ ڳالهه ٻولهه جو ڇهون دور منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران يورپي يونين جي خصوصي ايلچي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۾ گول ميز مباحثي ۾ شرڪت ڪئي. هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ ۽ خاتمي تي پاڪستان – يورپي يونين ڊائيلاگ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وسيع تر اسٽريٽجڪ مصروفيتن جو هڪ لازمي حصو آهي جنهن کي 2012ع کان اداراجاتي شڪل ڏني وئي آهي. بيان موجب پاڪستان ڳالهه ٻولهه جي ان باقاعده طريقيڪار کي انتهائي اهميت ڏيڻ سان گڏوگڏ عالمي ۽ غيرعلائقائي سلامتي جي مسئلن تي تعميري مشغوليت جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي تسليم ڪري ٿو.