اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) راجا خليق الزمان انصاري اطلاعات واري وزارت (پاڪستان حڪومت) جو سنڌ صوبي جي لاءِ ترجمان مقرر ٿي ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت راجا خليق الزمان انصاري جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ راجا خليق الزمان انصاري کي اطلاعات واري وزارت جي لاءِ سنڌ صوبي جو ترجمان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. راجا خليق الزمان انصاري جي مقرري نج اعزازي بنيادن تي ڪئي وئي آهي.