ڪراچي-12 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ٻارن جي هٿن ۾ قلم هجڻ گهرجي، مزدوري جو بار نه. جاري بيان موجب ڪامران سان ٽيوسري ٻارن کان پورهئي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته هر ٻار جو حق آهي ته هو تعليم حاصل ڪري، محفوظ ماحول ۾ واڌ ويجهه ڪري ۽ روشن مستقبل طرف وڌي. سنڌ جي گورنر چيو ته ٻارن کان پورهيو نه رڳو سندن ٻالڪپڻ پر قوم جي مستقبل کي به متاثر ڪري ٿو. ٻارن کان پورهئي جي مڪمل خاتمي لاءِ اجتماعي جدوجهد ضروري آهي. هن چيو ته اچو ته ٻارن کي علم، تحفظ ۽ خوشين سان ڀريل ننڍپڻ ڏيڻ جو وچن ڪريون.