برسلز-11 جون (اي پي پي) پاڪستان جو اعليٰ سطحي پارلياماني وفد اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ واشنگٽن، نيويارڪ ۽ لنڊن جي ڪاميابي دؤرن کانپوءِ يورپي يونين جي گاديءَ واري شهر برسلز پهچي ويو. برسلز پهچڻ تي يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ لاءِ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ سفارتخاني جي آفيسرن وفد جي شاندار آجيان ڪئي. گذريل ڏينهن سفارتي خاني مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف طرفان مقرر ڪيل اعليٰ سطحي پارلياماني وفد جي دؤري جو مقصد ڀارت سان تازي ڇِڪتاڻ کي پاڪستان جو مؤقف پيش ڪرڻ ۽ ڄمون ڪشمير مسئلي جي حل جي اهميت کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق اجاگر ڪرڻ آهي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سينيٽر شيري رحمان، اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر، اڳوڻو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اڳوڻو وفاقي وزير سينيٽر سيد فيصل علي سبزواري شامل آهن. وفد پنهنجي برسلز جي دؤري دوران يورپي يونين ۽ بيلجيئم جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. پارلياماني وفد انهن ملاقاتن ۾ ڀارتي جارحيت ۽ پاڪ- ڀارت تڪرار بابت غلط ڄاڻ تي ٻَڌل ڀارتي مهم جو اثرائتو جواب ڏيندو. پارلياماني وفد ڀارت جي پاڪستان مخالف عزمن ۽ جارحاڻن قدمن بابت يورپي عملدارن کي آگاهه ڪندو. يورپي عملدارن سان گڏوگڏ پارلياماني وفد جي برسلز ۾ يورپ جي ناميارن ٿنڪ ٽينڪس ۽ عالمي ميڊيا جي نمائندن سان به ملاقاتون شيڊول جو حصو آهن.