لاهور – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ موجود پاڪستاني زائرين جي وطن واپسي ۽ انهن جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي پرڏيهي آفيس ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي زائرين جي حفاظت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بيان موجب وزيراعظم زائرين کي حفاظت سان وطن واپس آڻڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن خطي ۾ صورتحال معمول تي اچڻ تائين پرڏيهي آفيس ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي الرٽ رهڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.