اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران تي بنا جواز اسرائيلي حملن جي شديد مذمت ڪندي ان کي ايران جي خودمختياري جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. نائب وزيراعظم سماجي رابطن جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي هڪ بيان ۾ چيو ته ان ڪڌي قدم عالمي قانون جي بنيادن ۽ انسانيت جي ضمير کي پڻ لوڏي ڇڏيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته اسرائيلي حملن علائقائي استحڪام ۽ عالمي سلامتي کي پڻ شديد نقصان پهچايو آهي. سينيٽر اسحاق ڊار ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ايران جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پڻ چيو هو ته اسرائيلي حملو ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي سان گڏوگڏ واضح طور تي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.