برسلز-13 جون (اي پي پي) اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد يورپي يونين جي اهم شخصيتن سان ملاقاتن ۾ پاڪستان جي مسلسل تحمل تي ٻڌل رويي، ذميواري ۽ اصولن تي ٻڌل ڳالهين واري موقف کان آگاهه ڪيو. وفد عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن خاص ڪري ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حوالي سان تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي اصولي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گذريل ڏينهن برسلز ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان جو هڪ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد برسلز جي پنهنجي سرڪاري دوري جي شروعات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي اڀرندڙ علائقائي سلامتي جي خدشن ۽ ڀارت جي تازي جارحيت خلاف اصولي رد عمل تي ڌيان ڏنو ويو. هي دورو ڀارت جي غير قانوني جارحيت، عالمي قانونن جي بار بار ڀڃڪڙين ۽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ان جي هڪ طرفي فيصلي سبب بگڙجندڙ ڏکڻ ايشيا جي سلامتي جي ماحول تي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عالمي پهچ جو حصو آهي. وفد يورپي پارليامينٽ ۾ عالمي واپار جي ڪميٽي (انٽا) جي سربراهه برنڊلينج سان ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن تي ڀارت جي جارحاڻي موقف جي ناڪاري اثرن بابت ڳالهيون ڪرڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت پاڪستان جي جاري مصروفيتن جو به احاطو ڪيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين سان تعميري ڳالهين ۽ گڏيل طور تي فائدي واري واپار لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڀريو. وفد بيلجيم جي پرڏيهي وزارت ۾ ٻطرفي معاملن جي ڊائريڪٽر جنرل برجٽ اسٽيونز سان ملاقات ڪئي. موجوده علائقائي ڏس ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستاني وفد گهڻ رخي ۽ قاعدن تي ٻڌل نظم لاءِ بيلجيئم جي مسلسل حمايت جي آجيان ڪئي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ عالمي قانونن کي برقرار رکڻ جي ضرورت سميت امن ۽ سلامتي بابت معاملن تي گهڻ رخي فورمن ۾ ويجهي رابطاڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي. ٻنهي ڌرين هڪ چئلينجنگ عالمي منظرنامي ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي ميڪنزم جي اهميت تي اتفاق ڪيو. بيلجيئم جي پارليامينٽ ۾ وفد بيلجيئم سينئر قانونسازن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي وائيس چيئرمين ليٿلين ڊيپورٽر ۽ پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين فرينڪي ڊيمن شامل هئا. ٻنهي ايوانن جي ميمبرن ان دوري کي پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط ڪرڻ جو هڪ بروقت موقعو قرار ڏنو. پاڪستاني وفد کين ڀارت جي تازي فوجي جارحيت، سرحد پار بابت غلط معلومات ۽ گڏيل وسيلن کي هٿيار بڻائڻ جي سنگين نقصانن کان آگاهه ڪيو. وفد هر قسم جي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ هندستان جي سرحد پار سرگرمين ۽ قتل ۽ غارت گيري جي سازشن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. جيڪو عالمي قانونن تي ٻڌل نظام لاءِ خطرو آهي، ان ڏينهن جي پڄاڻي ايگمونٽ – رائل انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل رليشنز ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاليسي گول ميز سان ٿيو. جنهن سان بلاول ڀٽو زرداري هڪ اهم خطاب ڪيو، جنهن ۾ ڀارت جي تازي فوجي مهم جوئي ۽ نظرثاني جي نظرين سبب درپيش خطرن تي روشني وڌي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو ڀارتي فيصلو ماحولياتي سلامتي ۽ عالمي معاهدي جي سلامتي لاءِ سڌي ريت خطرو آهي. هن ڏکڻ ايشيا ۾ موسمياتي عدم تحفظ جي غيرمناسب اثرن کي اجاگر ڪيو ۽ اجتماعي ذميواري جي ضرورت تي زور ڀريو جڏهن ته هڪطرفي معاهدي جي ڀڃڪڙين جي مثال خلاف خبردار ڪيو. سڄي ڏينهن جي مصروفيتن دوران پاڪستاني وفد مسلسل پاڪستان جي تحمل، ذميواري ۽ اصولن تي ٻڌل پنهنجي ڳالهين واري موقف کان آگاهه ڪيو. وفد عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن خاص ڪري ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حوالي سان تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي اصولي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهين ۾ پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي ته جئين ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته علائقائي ڇڪتاڻ ۽ غلط معلومات جي مهم وچ ۾ ان جي موقف کي واضح طور تي سمجهيو وڃي. وفد ۾ ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، شيري رحمان، حنا رباني کر، انجنيئر خرم دستگير خان، سينيٽر سيد فيصل علي سبزواري، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ سفير تهمينه جنجوعه شامل هئي.