تهران – 13 جون (اي پي پي) اسرائيل گذريل ڏينهن صبح جو سوير ايران جي وڏي حملي ۾ ان جي ايٽمي ۽ فوجي ٺڪاڻن سان گڏو گڏ ميزائيل تيار ڪندڙ فيڪٽرين کي نشانو بڻايو جنهن ۾ ايران جا ڪيترائي فوجي ڪمانڊر ۽ ايٽمي سائندان مارجي ويا، ان کانپوءِ ايران اسرائيل تي جوابي حملو ڪيو آهي. جوابي حملي ۾ ايران درجنين ڊرون ۽ ميزائيل اسرائيل ڏانهن فائر ڪيا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ خطو هڪ وڏي ۽ ڊگهي جنگ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو ته اسرائيل پنهنجي حملي ۾ نتانز ۾ ايران جي ايٽمي رچاءُ واري پروگرام جي مرڪز کي نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته ايران خلاف حملا هدف مڪمل ٿيڻ تائين جاري رهندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران طرفان گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران اسرائيل ڏانهن هڪ سو کان وڌيڪ ڊرون ۽ ميزائيل فائز ڪيا ويا آهن ۽ اسرائيل جي هٿياربند فوج انهن کي هدف تائين پهچڻ کان اڳ ڪيرائڻ لاءَ ڪم ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران جي فوجي ۽ ايٽمي هدفن تي حملن ۾ اسرائيلي فضائيه جي 200 جهازن حصو ورتو، حملن کانپوءِ ايران جي گادي واري شهر تهران ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. ايران جي سرڪاري ميڊيا مطابق ملڪ جي هٿياربند فوج جو چيف آف اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويو آهي ۽ هو ايران جو اعليٰ ترين فوجي شخصيت هو، حملي ۾ پاسداران انقلاب جو ڪمانڊر ان چيف حسين سلامي به شهيد ٿي ويو. ايران جو ايٽمي سائندان ۽ ايٽامڪ انرجي آف ايران جو اڳوڻو سربراهه فردون عباسي ۽ ايٽمي سائنسدان ۽ آزاد يونيورسٽي جو صدر مهدي تهرانچي به اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويا، ان کان علاوه خاتم الانبيا هيڊڪوارٽر جو ڪمانڊر ميجر جنرل غلام علي راشد به شهيد ٿي ويو آهي. سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آهي ته تهران ۾ رهائشي عمارتن کي به نشانو بڻايو ويو جن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي شهري مارجي ويا. گادي واري شهر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي رهائشي عمارتن کي به نقصان پهتو ۽ عام شهرين جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. اسرائيل جي دفاع واري وزير ڪاٽز هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران طرفان اسرائيل ۽ ان جي شهري آبادي خلاف فوري طور تي ميزائيل ۽ ڊرون حملن جو امڪان آهي. بيان مطابق اسرائيلي دفاع واري وزير ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران ۽ اسرائيل ٻنهي پنهنجون فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل ايران تي حملو ڪري پنهنجي مقدر کي اونداهو بڻائڻ تي مهر لڳائي ڇڏي آهي. اسرائيلي حملي کانپوءِ اردن ۽ عراق پنهنجون فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن. سعودي عرب ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي. آمريڪي صدر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو ايران تي حملن ۾ ملوث ناهي پر جيڪڏهن ايران جوابي ڪارروائي ڪئي ته سندس ملڪ اسرائيل جو دفاع ڪندو. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خطي جي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي مذمت ڪئي آهي.