ڊبلن _13 جون (اي پي پي ) آئرلينڊ جي فضائي ڪمپني ريان ايئر غلط رويي جو مظاهرو ڪندڙ مسافرن کي ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اعلان مطابق غلط رويي جو مظاهرو ڪندڙ مسافرن کي 500 يورو يعني 580 ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان کان علاوه جهاز مان هيٺ لاٿو ويندو . يورپ جي سڀ کان وڏي ايئر لائن کي ان کان اڳ مسافرن جي دير سان جهاز ۾ سوار ٿيڻ جي مسئلي کي به منهن ڏيڻو پيو هو . جنهن جو سبب مسافرن جي ضرورت کان وڌيڪ شراب پيئڻ آهي .” ريان ايئر “ پنهنجي عملي ۽ مسافرن کي غير اخلاقي روين کان بچڻ لاءِ پرعزم آهي . ان سلسلي ۾ نقصان پهچائيندڙ مسافرن جو پيڇو جاري رهندو. ان ڪري مسافرن کي 500 يورو ڏنڊ لڳايو ويندو . جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بدتميزي ڪندڙ مسافرن کي جهاز مان لاٿو ويندو . خيال رهي ته جنوري ۾ غير اخلاقي رويي جو مظاهرو ڪندڙ مسافرن کي 15330 يورو ڏنڊ لڳايو ويو آهي . اهي مسافر ڊبلن کان لائنزا روٽ ويندڙ جهاز ۾ سوار هئا .