رياض _ 13 جون (اي پي پي ) زرعي خدمت لاءِ سعودي عرب جي قومي ڪمپني ” ايگري سرو ۽ نيڌر لينڊ جي ڪمپني “ تازو ئي ايمسٽرڊيم ۾ منعقد ” گرين ٽيڪ “ نمائش دوران سهڪار جي هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان معاهدي جو مقصد زرعي شعبي ۾ بهترين طريقن ۽ جديد مهارتن کي هڪ ٻئي ڏانهن منتقل ڪري سهڪار کي مربوط ۽ مضبوط ڪرڻ آهي . معاهدي تحت سعودي عرب ۾ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي ڪمن جي اثر کي وڌايو ويندو ۽ هارين ۽ زرعي ادارن لاءِ خدمت کي سنواريو ويندو . معاهدي تي ” ايگري سرو “ جي سي اي او عمر الحساني ۽ ” ڊيلفي “ ڪمپني جي جي هم منصب صحيحيون ڪيون . ان شراڪت جو مقصد مملڪت جي زرعي شعبي ۾ خدمت کي موثر بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ آهي جنهن ۾ تصديق جي عمل ۾“ سهڪار ، تربيت لاءِ مخصوص پروگرام ۽ هارين ۽ زرعي منصوبن ۾ فني مشورا شامل آهن .