لاس اينلجس – 13 جون (اي پي پي) آمريڪي وفاقي جج صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاس اينجلس ۾ ڪيليفورنيا نيشنل گارڊ (فوج) موڪلڻ جي فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آھي، ٽرمپ انتظاميا عدالت جي ان فيصلي کي صدارتي اختيارن ۾ غير معمولي مداخلت قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي ڊسٽرڪٽ جج چارلس بريئر صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي حڪم ڏنو ته ھو ريزرو فورس جو ڪنٽرول ڪيليفورنيا جي گورنر گيون نيوزم کي واپس ڪري، انصاف واري کاتي ان حڪم کي صدر جي ڪمانڊر ان چيف ٿيڻ جي اختيار تي حملو قرار ڏيندي ھنگامي اپيل داخل ڪئي، جڏھن ته جج چارلس بريئر پنھنجي حڪم تي عمل ڪالھه (جمعي) تائين روڪيو، ته جيئن انتظاميا کي اپيل داخل ڪرڻ جو موقعو ملي سگھي. ڪجھه منٽن کانپوءِ ھڪ اعليٰ عدالت به چارلس بريئر جي حڪم تي ڪيترن ئي ڏينھن لاءِ عمل روڪي ڇڏيو ته جيئن اپيل تي غور ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ ٻڌڻي 17 جون تي مقرر ڪئي وئي آھي. پر جج چارلس بريئر پنھنجي 36 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ته اها ڇڪتاڻ ان بغاوت کان گھٽ ھئي، جنھن کي صدر نيشنل گارڊ مقرر ڪرڻ جو جواز بڻايو. ھن چيو ته صدر جا قدم غيرقانوني ھئا ان ڪري ھو گارڊز جو ڪنٽرول گيون نيوزم کي واپس ڪري. انصاف واري کاتي پنھنجي اپيل ۾ چيو ته اھو حڪم صدر جي آئيني اختيارن ۾ غير معمولي مداخلت آھي، جيڪو کيس ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان حاصل آھي. ٻئي پاسي گورنر نيوزم چارلس بريئر جي فيصلي کي فوري طور سٺو سنئوڻ قرار ڏنو، اھا ڪيليفورنيا لاءِ وڏي ڪاميابي سمجھيو پيو وڃي، جيڪا ھن وقت وائيٽ ھائوس سان ڪيترن ئي محاذن تي مقابلو ڪري رھي آھي. ڊيموڪريٽ گورنر گيون نيوزم چيو ته ٽرمپ بادشاه نه آھي، نه ئي شھنشاه ۽ کيس اھڙو سلوڪ بند ڪرڻ گھرجي. ياد رھي ته لاس اينلجس ۾ ٽرمپ انتظاميا طرفان اميگريشن ڇاپن خلاف ڪيترن ئي ڏينھن کان مظاھرا جاري آھن، جنھن ۾ وقفي وقفي سان شديد پر محدود پرتشدد واقعا ڏسڻ لاءِ ملي رھيا آھن.