لنڊن – 12 جون (اي پي پي) ڀارت جي ٽيم انگلينڊ جي دوري جي شروعات اڄ (جمعي ) کان چئن ڏينھن واري وارم اپ ميچ سان ڪندي، اھا ميچ 13 جون کان ڪينٽ ڪانٽي ڪرڪيٽ گرائونڊ، بڪنگھم ۾ شروع ٿيندي. مھمان ٽيم پنھنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) مطابق ڀارت جي مردن واري قومي ڪرڪيٽ ٽيم ھلندڙ مھيني انگلينڊ جو دورو ڪندي ۽ ميزبان ٽيم خلاف ھڪ چئن ڏينھن واري وارم اپ ميچ سميت پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏيندي. انگلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 4 ڏينھن واري وارم اپ ميچ 13 جون کان شروع ٿيندي، جنھن کانپوءِ 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 20 جون تي پھرين ٽيسٽ ميچ کان ٿيندي، ميچ 20 کان 24 جون تائين ھيڊنگلي، ليڊز ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي بيٽسمين شبمن گل ڪندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 2 کان 6 جولاءِ تائين ايجبسٽن، برمنگھم ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ٽيسٽ ميچ 10 کان 14 جولاءِ تائين لارڊز، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچيسٽر ۾ کيڏي ويندي جڏھن ته پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 31 جولاءِ کان 4 آگسٽ تائين ڪنگسٽن اوول، لنڊن ۾ کيڏي ويندي.