اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)وفاقي بجيٽ جي حوالي سان سيڙپڪارن جي هاڪاري اميدن کي نظر ۾ رکندي گذريل ڏينهن مسلسل ٻي ڏينهن به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1926 پوائنٽس (1.55 سيڪڙو) جو زبردست اضافو رڪارڊ ٿيو. جنهن کانپوءِ انڊيڪس 126274 پوائنٽس جي تاريخي سطح تي پهچي ويو. اهو پهريون موقعو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ 126000 پوائنٽس جو سنگ ميل پار ڪيو آهي جيڪو ملڪي معيشت ۽ ڪاروباري برادري لاءِ اهم ۽ همٿائيندڙ اڳڀرائي آهي. اڄ جي ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 372 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن مان 279 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 84 ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 9 ڪمپنين جي شيئرز جون قمتون مستحڪم رهيون. سيڙپڪارن خاص طور تي آٽو موبائل اسمبلرز، سيمنٽ، ڪيبل ۽ اليڪٽريڪل گڊز ڪيميڪل ۽ ڪمرشل بئنڪن جي شعبن ۾ ڀرپور دلچسپي جو مظاهرو ڪيو جيڪو مستقبل ۾ انهن سيڪٽرز جي ڪارڪردگي جي حوالي سان هاڪاري اعتماد جو اظهار آهي.