واشنگٽن – 13 جون (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي انتظام ھيٺ ڪلب ورلڊڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ جو 21 ھون ايڊيشن اڄ (ڇنڇر ڏينھن) کان آمريڪا ۾ شروع ٿي رھيو آھي. آمريڪا ۾ شروع ٿيندڙ عالمي ڪلب فٽبال ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آھن، ميگا ايونٽ جي شروعات 14 جون تي ميزبان آمريڪا جي انٽرميامي فٽبال ڪلب ۽ مصر جي الاھلي فٽبال ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ ميچ سان ٿيندي. ميگا ايونٽ جون سموريون ميچون آمريڪا جي 11 مختلف ھنڌن تي کيڏيون وينديون جن ۾ پاساڊينا، ايسٽ رڌر فورڊ، شارلٽ، ايٽلانٽا، فلاڊيلفيا، سياٽل، ميامي گارڊنز، اور لينڊو، نيش ول، سنسناٽي ۽ واشنگٽن ڊي سي شامل آھن. 14 جون کان شروع ٿيندڙ ڪلب فٽبال ورلڊ ڪپ جو 21 ھون ايڊيشن 13 جولاءِ تي ايسٽ رڌر فورڊ ۾ رٿيل فائنل ميچ سان پڄاڻي تي پھچندو. فيفا ورلڊ ڪپ ۾ 32 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجو زور آزمائينديون. انگلينڊ جي ڪلب ٽيم مانچسٽر سٽي ميگا ايونٽ ۾ ٽائيٽل جو دفاع ڪندي.