اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) آمريڪا جي ناظم الامور نٽالي بيڪر نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير عالمي فورمز تي خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرشپ (2026 – 2025ع) جي ڏس ۾ آمريڪا سان گڏيل مقصدن ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي پراڻي حصيدار لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.