ڪينبرا – 10 جون (اي پي پي) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز جو 74 ھون ايڊيشن ھلندڙ سال نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شروع ٿيندو. پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پھرين ميچ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 21 نومبر کان پرٿ اسٽيڊيم پرٿ ۾ شروع ٿيندي. پرٿ اسٽيڊيم(آپٽس اسٽيڊيم) ايشز سيريز جي پھرين ٽيسٽ جي ميزباني ڪندو. اھو پھريون موقعو ھوندو جڏھن پرٿ اسٽيڊيم ايشز ٽيسٽ جي ميزباني ڪندو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مينز ايشز سيريز جي شيڊول ۽ وينيوز جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ايشز سيريز 26-2025ع 21 نومبر کان آسٽريليا ۾ شروع ٿيندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽيسٽ ميچون کيڏيون وينديون. 83-1982ع جي ايشز سيريز کانپوءِ اها آسٽريليا ۾ برسبين جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ شروع ٿيندڙ پھرين ايشز سيريز به ھوندي. واضح رھي ته 26-2025ع جي ايشز سيريز ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو حصو ھوندي.