مڪو پاڪ -10 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته حج 2025ع ماضي جي ڪنهن به حج جي ڀيٽ ۾ هڪ تاريخي ۽ بهترين حج رهيو آهي جنهن ۾ پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي غير معمولي خدمتن ۽ سهولتن جي فراهمي ڪئي وئي، بهترين حج انتظامن تي سعودي حج ۽ عمري واري وزارت کي ايڪس يلينس ايوارڊ پاڪستان لاءِ اعزاز آهي. گذريل ڏينهن هتي پوسٽ حج پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن حج تي پاڪستاني حاجي سڳورن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ خصوصي دلچسپي سبب حاجي سڳورن لاءِ اهو سفر روحاني تسڪين جو سبب بڻيو. اسان انتظامن تي تعاون لاءِ خادم الحرمين الشريفين، شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي حج ۽ عمري وزاري وزارت جا ٿورائتا آهيون. سردار محمد يوسف چيو ته سعودي حڪومت 88 هزار 300 سرڪاري حاجين سميت هڪ لک 15 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني حاجي سڳورن جي تاريخي مهمان نوازي ڪئي. بهترين حج انتظامن تي سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت پاڪستان حج مشن کي ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنو ۽ پاڪستان حج مشن ايوارڊ حاصل ڪندڙ 7 مشنز ۾ پهرين نمبر تي آهي. مقدس هنڌن تي پهريون ڀيرو حاجين جي رهائش لاءِ غير معمولي سهولتون فراهم ڪيون ويون، پهريون ڀيرو حاجين لاءِ منيٰ ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ خيما، جپسم بورڊ پارٽيشن، صوفه ڪم بيڊز ۽ اوور هيڊ شيلف متعارف ڪرايا ويا. حاجي سڳورڻ لاءِ ٽي وقت کاڌو، ٻه سنيڪس باڪس، جوس، آئيس ڪريم، تازو ميوو ۽ ٿڌو پاڻي فراهم ڪيو ويو. عرفات جي خيمن ۾ اضافي ايئر ڪنڊيشنز لڳايا ويا، سردار محمد يوسف چيو ته سرڪاري اسڪيم تحت پاڪستاني حاجي سڳورن لاءِ پئڪيج جي قيمت خطي جي ٻين ملڪن کان گهٽ ۽ سهولتن ۾ وڌيڪ بهتر رهي، مدينه پاڪ ۾ هن سال سمورن پاڪستاني حاجين کي مسجد نبوي ويجهو ٿري ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهائش فراهم ڪئي وئي، مدينه پاڪ ۾ 100 سيڪڙو حاجين کي رياض الجنه جي زيارت به ڪرائي وئي. سردار محمد يوسف چيو ته حج جي رڪنن دوران سعدوي تعليمات تي عمل ڪرڻ تي پاڪستاني حاجي سڳورن جو ٿورو ادا ڪيان ٿو.