تهران-10 جون (اي پي پي)ايران چيو آهي ته تهران جي ايٽمي پروگرام تي اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ ايران ۽ آمريڪي اختيارين وچ ۾ ڳالهين جو ڇهون دور 15 جون تي عمان جي گادي واري شهر مسقط ۾ ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي هڪ بيان ۾ ڪئي. هن ايراني پرڏيهي وزارت جي حوالي سان اعلان ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور 15 جون تي مسقط ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ايراني پرڏيهي وزارت، نشاندهي ڪئي ته ايران جي اختيارين پابنديون هٽائڻ جي صورت ۾ آمريڪا سان يورينيم رچاءُ جو ڳاڻيٽو ۽ سطح کي محدود ڪرڻ تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر ايران ايٽمي پروگرام کي ڪڏهن به ختم نه ڪندو.