اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بهترين ۽ عوام دوست بجيٽ هوندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سدائين ريليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي ۽ مجموعي ترقي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بهترين ۽ عوام دوست هوندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سدائين ريليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هو جيڪو واعدو ڪري ٿو ان کي نڀائي ٿو، سندس قيادت ۾ ملڪ معاشي بحران مان نڪري استحڪام طرف گامزن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اپوزيشن ڀارتي جارحيت جي وقت سٺو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته انهن جي گذريل ڏينهن جي پريس ڪانفرنس مايوس ڪندڙ هئي، مخالف ڌر وٽ معاشي حوالن بابت ڪي ٺوس انگ اکر نه هئا، انهن کي گهرجي ها ته تياري ڪري وٺن ها، انهن وٽ بجيٽ تي تنقيد ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڳالهه موجود نه هئي، ان لاءِ طرح طرح جا بهانا ڳولي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڊيفالٽ مان نڪري معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، اهي مخالف ڌر جا ماڻهو ئي هئا جيڪي پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون شرطون هڻندا هئا، الله تعاليٰ پاڪستان کي عزت ڏني آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽ ٿي ۽ مجموعي ترقي ۾ اضافو ٿيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم سٺا واعدا ڪندو رهيو آهي، ان کان سٺي جي اميد رکڻ گهرجي.