ڪوالالمپور-20 جون (اي پي پي) نيشنز هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان فرانس کي هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. نيشنز هاڪي ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان فرانس کي پنالٽي شوٽ آئوٽ تي شڪست ڏئي فائنل تائين رسائي حاصل ڪري ورتي آهي. ملائيشيا ۾ جاري ايف آءِ ايڇ نيشنز ڪپ ۾ پهرين سيمي فائنل ۾ مقرر وقت ۾ پاڪستان ۽ فرانس جو مقابلو 3-3 سان برابر رهيو، جنهن کانپوءِ فائنلسٽ ٽيم جو فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ تي ڪيو ويو. پاڪستان جي افراز، سفيان خان ۽ رانا وحيد هڪ، هڪ ڀيري بال کي ڄار پهچايو. فرانس کي ٻي ڪوارٽر تائين 0-2 جي برتري حاصل هئي. پاڪستان ٻن ٻڙين جي خساري سان شاندار ڪم بيڪ ڪيو ۽ ٽئين ڪوارٽر ۾ 3 گول ڪيا، فرانس طرفان آخري ڪوارٽر ۾ گول ڪري مقابلو برابر ڪيو ويو هو. پاڪستان گروپ مرحلي ۾ جاپان کي شڪست ڏني هئي، نيوزي لينڊ خلاف پاڪستان جي ٽيم 3-4 سان ناڪام رهي، ملائيشيا خلاف پهرين ميچ، 3 ، 3 سان برابر هو ۽ بهتر گول سراسري تي سيمي فائنل ۾ جاءِ بڻائي هئي.