گڏيل قومون-20 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڊگهي عرصي تائين حل طلب ۽ جاري غير ملڪي قبضي، منظم اڻبرابري واري سلوڪ جو نشانو بڻجندڙ ۽ خود اراديت واري حق کان انڪار جهڙن تڪرارن کي جاري رکندڙ نا انصافين جي خاتمي جي ضرورت آهي.اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ غربت، محرومي ۽ تڪرارن جي خراب اثرن تي بحث ڪندي چيو ته غربت، اڻبرابري ۽ بنيادي حقن کان انڪار صرف ترقي جا خدشا ناهن پر هي تڪرارن جي وڏن سببن مان آهن.ان بنيادي سببن کي حل ڪرڻ کانسواءِ امن جون ڪوششون اڻ مڪمل، نازڪ ۽ مختصر مدي جون رهنديون. هن چيو ته عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جو اصولي ۽ مستقل لاڳو امن، انصاف ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي. پاڪستاني نمائندي قرضن جي بحران جي منصفاڻي ۽ وقت سر حل ۽ ماحولياتي تبديلين ۽ معاشي بدحالي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. پنهنجي رمارڪس ۾ پاڪستاني نمائندي چيو ته پائيدار امن لاءِ فوجي ڪاررواين کان وڌيڪ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن ۾ سفارتڪاري کي مضبوط بڻائي تڪرارن جي پرامن حل کي هٿي ڏيڻ ذريعي تڪرارن جي روڪٿام ۾ سلامتي ڪائونسل جي ڪردار کي وڌائڻ شامل آهي. هن ملڪ اندر حالتن ۽ بحرانن جي باري ۾ اسان جي رد عمل کي ترقي جي خدشن کي امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ان لاءِ اي سي او ايس او سي، پيس بلڊنگ ڪميشن ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي حصيدار ملڪن سان مضبوط تعاون جي ضرورت آهي. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته امن ۽ ترقي جي بنيادي ذميواري قومي حڪومتن تي لاڳو ٿئي ٿي، عالمي برادري ۽ سلامتي ڪائونسل ان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿي. اسان ترقي کي نقصان پهچائيندڙ حالتن کي حل ڪرڻ کانسواءِ پائيدار امن جي ڳالهه نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته هو غير پائيدار قرضن، بک ۽ ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن جي بار هيٺيان دٻيل آهن. هن چيو ته دنيا کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) کي پورو ڪرڻ لاءِ ساليانو 42 کرب ڊالرن جي ضرورت آهي، هن چيو ته هي حاصل ڪرڻ جوڳي آهي ۽ ان سلسلي ۾ قدمن جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اسپيشل ڊرائينگ رائيٽس (ايس ڊي آرز) جاري ڪرڻ ۽ وڌيڪ ري چئلينگ، گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن جي ٻيهر سيڙپڪاري ۽ مضبوطي، سرڪاري ترقياتي امداد ۽ ماحولياتي واعدن جي تڪميل، منصفاڻي ترقي کي ٻڌل واپاري پاليسين ۽ صرف عالمي ٽيڪس نظام شامل آهن. هن چيو ته ترقي جي انجڻ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آئنده ٿيندڙ فنانس فار ڊولپمينٽ ڪانفرنس (ايف ايف ڊي 4) هڪ بامعنيٰ رستي لاءِ جرئتمنداڻي ۽ عملي قدم کڻڻ لاءِ هڪ اهم لمحو آهي. هن چيو ته اسان کي غربت کي تڪرارن جو ٻج ڇٽڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. اجلاس جي شروعات ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري انتونيو گوتريش چيو ته هي ڪا اتفاق جي ڳالهه ناهي ته انساني ترقي جا سڀ کان گهٽ اهڃاڻ رکندڙ 10 ملڪن ۾ 9 هن وقت تڪرارن جي حالت ۾ آهن، جيڪڏهن موجوده رجحان جاري رهيا ته 2030ع تائين دنيا جا ٻه ڀاڱي ٽي غريب تڪرارن کان متاثر يا نازڪ حالتن وارن ملڪن ۾ رهندا. هن زور ڀريندي چيو ته جيتوڻيڪ تڪرارن کي روڪڻ لاءِ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان بهتر ڪو به طريقو ناهي، دنيا اسرندڙ ملڪن کي گهربل وسيلن ۾ ساليانو 40 کرب ڊالرن کان وڌيڪ گهٽتائي جو شڪار آهي. اهي ملڪ محدود مالياتي جڳهه، قرضن جي بار ۽ وڌندڙ قيمتن سبب به پريشان آهن.