ڪراچي-20 جون (اي پي پي) زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت صوبي ۾ بينظير هاري ڪارڊ جي طرز تي يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سردار محمد بخش مهر ٻڌايو ته سنڌ يوٿ ڪارڊ لاءِ بجيٽ 2025-26 ۾ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته ان منصوبي جو مقصد نوجوانن کي تعليم، روزگار، هنر ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي آهي. جن نوجوانن کي يوٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو، اهي سڌو سنئون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان رابطي ۾ رهندا ته جيئن انهن جا مسئلا ۽ تجويزون اعليٰ سطح تائين پهچي سگهن. سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال 11 يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪندي ته جيئن نوجوانن جي فلاحي منصوبن کي فعال بڻائي سگهجي.هن چيو ته زراعت کاتي ڪيترن ئي رانديگرن جي مالي مدد ڪئي آهي ۽ اهو عمل جاري رهندو .سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سردار محمد بخش مهر اهو مطالبو به ڪيو ته زراعت کي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن نئين نسل کي ان شعبي جي اهميت بابت آگاهي ملي. ساڳئي وقت هن اها تجويز به پيش ڪئي ته قرآن پاڪ کي ترجمي سان گڏ تعليمي ادارن ۾ پڙهايو وڃي ته جيئن مذهبي ۽ اخلاقي تعليم کي به هٿي ملي.