ڪراچي-16 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبر پختونخواهه ۾ 5 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين کي ساراهيندي کين مبارڪ ڏني آهي. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وڏي وزير چيو ته ملڪ دشمن عنصرن کي امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگردن جو گهر دوزخ آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي بهترين حڪمت عملي شر پسند عنصرن کي پاڙ کان پٽي ڇڏيندي. هن چيو ته سڄي قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي.