ڪراچي-16 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي ضلعي بارکان ۾ بم ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب وڏي وزير چيو آهي ته انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. هن چيو ته بزدلاڻيون ڪارروائيون ڪڏهن به قوم جي حوصلي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وڏي وزير چيو ته سڄي قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهي. وڏي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ فوتين جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.