رياض – 16 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شھزاده محمد بن سلمان سان يونان جي وزيراعظم ڪيريا ڪوس ميتسوتاڪس ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق رابطي دوران خطي جي تازي صورتحال ۽ ايران خلاف اسرائيلي عسڪري ڪارروائين جي اثرن تي ڳالهيون ڪيوون ويون. ٻنھي اڳواڻن تحمل، ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ ۽ سمورن تڪرارن کي سفارتي ذريعي حل ڪرڻ جي اھميت تي زور ڀريو. اھو ٽيليفونڪ رابطو ان وقت ڪيو ويو آھي جڏھن ته اسرائيل ۽ ايران جي ھڪٻئي تي حملن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، جنھن سان ڊگھي تڪرار جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي. ٻئي پاسي عالمي اڳواڻن سمورين ڌرين تي ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ زور ڀريو آھي.