اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ پرعزم آهي، بليو اڪانومي ۾ سرمايو حاصل ڪرڻ، واپار جو فروغ ۽ جامع ترقي جا موقعا موجود آهن، ملڪ ۾ بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي هر ممڪن قدم کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جي سافٽ لانچ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن اهم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اسرف جي شاندار قيادت ساراهه جوڳي آهي، پاڪ بحريه قومي دفاع ۾ اهم ٿنڀ آهي، ڀلي 1965ع ۾ آپريشن دوارڪا هجي يا ڀارت جي تازي جارحيت، پاڪ بحريه سدائين پنهنجي جديد انداز ۾ تيارين ۽ اڻ ٿڪ پيشيواراڻي صلاحيت کي ثابت ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن، علائقائي استحڪام ۽ عالمي قدرن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي جيڪي اسان جي سامونڊي سفارتڪاري کي رهنمائي فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته تازي امن مشقن ۾ 16 ملڪن شرڪت ڪئي، هڪ هزار کان وڌيڪ ڪلوميٽر ڪوسٽل لائين، ٽن اهم بندرگاهن ۽ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي ۽ اهم عالمي سامونڊي رستو هجڻ جي ڪري پاڪستان جو منفرد مقام آهي، اسان کي پنهنجي سامونڊي شعبي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، بليو اڪانومي کي پاڪستاني معيشت جي فروغ ۾ اهم مقام حاصل آهي، ان ۾ سرمايو حاصل ڪرڻ، واپار جو فروغ ۽ پائيدار ۽ جامع ترقي جا موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي بليو اڪانومي کربين ڊالر تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي قومي ترقي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ بليو اڪانومي جي صلاحيت گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته بليو اڪانومي ۾ جهاز سازي، فشريز، قابل تجديد توانائي جي ري سائيڪلنگ، سامونڊي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته ساليانو مال برداري خرچ اٽڪل 7 ارب ڊالر آهي، پاڪستاني شپنگ ڪمپنين ۽ غيرملڪي شپنگ ڪمپنين جي وچ ۾ صحتمند مقابلو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جاپان کان اسان کي سکڻ جي ضرورت آهي جنهن ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود پنهنجي پرعزم ردعمل جي ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪيو، جاگرافيائي مسئلن ۽ محدود وسيلن جي باوجود جاپان جديد بندرگاهن جي انفراسٽرڪچر، جديد جهاز سازي ۽ پائيدار سامونڊي وسيلن جي ذريعي عالمي سامونڊي مرڪز بڻجي ويو، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته بليو اڪانومي بابت ٺوس حڪمت عملي ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل جدت ۽ علائقائي اثررسوخ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم ٿنڀ بڻجي چڪو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي ميري ٽائيم قوت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اها وقت جي ضرورت آهي، اميد آهي توهان پاڪستاني عوام جي اميدن تي پورو لهندا. ان موقعي تي سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڪانفرنس واپاري رابطن ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان اهميت رکندڙ هوندي. ترقي جي عمل ۾ بليو اڪانومي جي اهم ڪردار کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون. پاڪستان منفرد جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري پرڪشش ملڪ آهي، بليو اڪانومي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، 2047ع تائين 100 ارب ڊالر جي بليو اڪانومي اسان جو هدف آهي.