اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته حڪمراني کي موثر، فعال ۽ ذميوار بڻائڻ ۾ مصنوعي ذهانت جو اهم ڪردار آهي. جديد ٽيڪنالاجي کي ان طريقي سان اختيار ڪيو وڃي ته پارلياماني نظام ۾ انقلابي تبديليون ظاهر ٿين. سينيٽ ۾ منعقد مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل ناليج سيشن کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پنهنجي عوامي خدمت ۽ سياسي سفر دوران هميشه ان يقين کي مضبوطي سان پڪڙي رکيو ته حڪومت جو مستقبل جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ آهي، سينيٽ قانون سازي ۾ جديديت لاءِ انتهائي اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته ڊجيٽل گورننس، ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا سازي ۽ عوامي خدمت جي بهتري لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال هاڻي ڪو سوال نه پر هڪ ضروري حصو بڻجي چڪو آهي، مصنوعي ذهانت پارليامينٽ کي عوام سان بهتر طور ڳنڍڻ ۽ ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا، عامر ابراهيم، سي اي او جاز ۽ معزز شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪيان ٿو. يورپي يونين مشن جو شڪريو جنهن پارلياماني ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مسلسل سهڪار فراهم ڪيو. هن چيو ته يورپي يونين جي سفير عيوض پارليامينٽ بجيٽ آفيس جي قيام ۽ سينيٽ لاءِ مصنوعي ذهانت ٽولز جي تياري ممڪن ٿي. هن چيو ته يورپي يونين جي پارلياماني ادارن سان وابستگي کي ساراهيون ٿا ۽ مستقبل ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته خصوصي قدمن واري صلاحڪار ردا قاضي ۽ پارلياماني ترقياتي يونٽ، سينيٽ سيڪريٽريٽ، مستحڪم پارليامينٽ ۽ پپس کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته ان سيشن جو موضوع منهنجي دل جي تمام گهڻو ويجهو آهي، حڪومت جو مستقبل جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ آهي، وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان منهنجي حڪومت ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جي شعبي کي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ناليج و ڊجيٽل اڪانامي جو مرڪز قرار ڏيندي خاص ڌيان ڏنو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پٺتي پيل علائقن ۾ آءِ ٽي انسٽيٽيوٽس قائم ڪيا، عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنين سان شراڪتداري جي ترغيب ڏني، سرڪاري کاتن ۾ ڊجيٽل رسائي کي هٿي ڏيڻ ۽ نظام جي جدت جي لاءِ هميشه پرعزم رهيو آهيان. هن چيو ته سينيٽ قانون سازي جي جديديت طرفان اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، سينيٽ خطي جو پهريون پارلياماني ادارو بڻجي چڪي آهي. جنهن مقامي طور تي تيار ڪيل مصنوعي ذهانت چيٽ بوٽ جي تياري جي شروعات ڪئي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت چيٽ بوٽ پارليامينٽ ميمبرن کي قانون سازي، ڪميٽي ڪارروائي ۽ ٻي معلومات تائين رسائي ڏئي ٿي. مصنوعي ذهانت چيٽ بوٽ وقت جي بچت، مسوده تيار ڪرڻ، نگراني ۽ پاليسي سازي ۾ بهتري آڻيندي، ڪوڙا بيانئيا ۽ غلط ڄاڻ کي پکيڙڻ خلاف مصنوعي ذهانت جي صلاحيت اهم آهي، يورپي پارليامينٽ جي مصنوعي ذهانت ريگيوليشن جو پهريون فريم ورڪ تعريف جوڳو ماڊل آهي. هن چيو ته پارلياماني شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جو ذميداراڻو استعمال اڻٽر آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي سان گڏ وڌيڪ شراڪت جا خواهشمند آهيون ته جيئن قومي مفادن ۾ جدت آڻي سگهجي.