اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر صباح ٽالپر قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه کانئس حلف ورتو. ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي. حلف کانپوءِ هن رول آف ميمبرز تي صحيح ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر کيس مبارڪون ڏنيون.